ڪراچي -26 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پار??ي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ شاهراه سرينگر تي رين??رز اهلڪارن تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري بيان مطابق پي پي پي چيئرمين چيو آهي، ته امن و امان جي قيام لاءِ اسلام آباد ۾ موجود پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائڻ کليل د??شتگردي آهي. هن مطالبو ڪيو ته اسلام آباد ۾ رين??رز ۽ پوليس تي حملن ۾ ملوث جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ شهادت جو مرتبو ماڻيندڙ رين??رز ۽ پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هو قوم جا بهادر پٽ هئا. هن شهيد اهلڪارن جي خاندانن سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ انهن لاءِ صبر جي دع?? پڻ ڪئي. هن زخمي اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ به دع?? ڪئي. هن چيوته ڪنهن جي به پرامن احتجاج ج?? حق، شرپسندي ۽ دهشتگردي بابت پيپلز پار??ي جو موقف واضح آهي.