پشاور-28 نومبر (اي پي پي) خيبرپختونخ??ا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان اوورسيز بزنس فورم برطانيا جي نمائندي وفد چيئرمين محمد فاروق خان جي قياد?? ۾ ??ورنر ھائوس ۾ ملاقات ڪئي. گورنر ھائوس پشاور مان جاري بيان مطابق وفد گورنر کي فورم جي انتظام ھيٺ برطان??ا سميت ٻين ملڪن ۾ پاڪستاني شين ۽ ڪاروبار کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ لاڳاپيل خدمتن کان آگاھه ڪيو. ان موقعي ت?? خيبرپختونخ??ا جي گورنر وفد سان ڳالھائيندي چيو ته خيبرپختونخوا جي ڪاروباري شعبي کي عالمي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ سنجيده قدم کڻڻ جي ضرورت آھي، صوبي ۾ سياحتي شعبي جي ترقي لاءِ لاڳاپيل معاملن کي آسان بڻائڻو پوندو. وفد گورنر کي ٻڌايو ته پنجاب ۽ سنڌ جي ڀيٽ ۾ خيبرپختونخوا مان ايڪسپورٽ نه ھجڻ جي برابر آھي. وفد چيو ته برطان??ا سميت سمورن يورپي ملڪن ۾ خيبرپختونخ??ا جي ڪاروباري نمائش لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ چاھيون ٿا.