اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف واپار واري و??ارت جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي روانگي و??پار وڌائڻ جي لاءِ نيشنل ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ بورڊ جو اجلاس ايندڙ هفتي گهرائڻ ۽ بلوچستان جي سرحدي ضلعن جي لاءِ روزگار جا پائيدار موقعا وڌائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ش??يف جي صدارت ۾ واپار واري و??ارت جي ڪارڪردگي جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم پنهنجي جاري ڪيل هدايتن جي تعميل تي و??پار واري و??ارت جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي پاڪستاني روانگي و??پار وڌائڻ جي لاءِ نيشنل ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ بورڊ جو اجلاس ايندڙ هفتي گهرائڻ جي هدايت ڪئي. هن بلوچستان جي سرحدي ضلعن جي لاءِ روزگار جا پائيدار موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ملائيشيا کي پاڪستاني چانور جي برآمدات وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ قدمن جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملائيشيا جي و??يراعظم داتوسري انور ابراهيم ج?? پاڪستان جي تازي دوري ۾ پاڪستان مان ملائيشيا کي چانور جي برآمدات وڌائڻ تي اتفاق ٿيو. هن هدايت ڪئي ته ملڪي روانگي و??پار وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان ۾ موجود خصوصي اقتصادي زونز کي فعال ڪيو وڃي ۽ انهن ۾ هوٽل، اسپتال، بزنس اسڪول ۽ ٻيون سروسز فراهم ڪيون وڃن. وزيراعظم ڪڻڪ، ڪپهه، ڪمند، چانور، کاڄرو تيل ۽ ٻين وڏين فصلن جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ ڪابينا جي خصوصي ڪميٽي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. بيان موجب ڪابينا ڪميٽي وڏين فصلن جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ ماهرن جي راءِ تي ٻڌل سفارشون پيش ڪندي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي زرعي روانگي و??پار ۾ اضافي جي لاءِ قدمن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته روس سان بارٽر ٽريڊ تحت زرعي جنسن جي و??پار جي لاءِ ٻن مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿي چڪيون آهن، تاجڪستان جي حڪومت پاڪستان سان ٽيڪسٽائيل ج?? شعبي ۾ تعاون ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. اجلاس ۾ واپار وارو وفاقي و??ير ڄام ڪمال خان، اقتصادي معاملن وارو وفاقي و??ير احد خان چيما، وزيراعظم ج?? ڪوآرڊينيٽر راڻا احسن افضل ۽ لاڳاپيل ادارن جا آفيسر شريڪ هئا.