اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) عالمي بئنڪ چيو آهي ته ترقيءَ جي شرح ۾ مستقل بهتري نه اچڻ تي گهٽ آمدني وارن ملڪن مان صرف ڇهه 2050?? تائين وچولي درجي جي آمدني وارن ملڪن جي درجي تي پهچي سگهندا. اها ڳالهه عالمي بئنڪ جي گلوبل اڪنامڪ پراسپيڪٽس رپورٽ جي حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ چئي وئي آهي. عالمي بئنڪ موجب اي??دڙ 25 سال دنيا جي 26 غريب ترين ملڪن لاءِ وچولي درجي جي آمدني تائين پهچڻ جي حوالي سان فيصلائتا ثابت ٿي سگهن ٿا، انهن ملڪن ۾ سراسري ڏهاڙي آمدني 2.15 ڊالرن کان گهٽ آهي ۽ هي انتهائي غربت جي خاتمي جي عالمي ڪوششن جو مرڪز آهن. تڪرارن، انساني بحرانن ۽ پائيدار گهٽ ترقيءَ سبب انهن ملڪن ۾ اؤسر جي شرح جمود جو شڪار آهي. 21هين صديءَ جي شروعات ۾ عالمي بئنڪ 63 ملڪن جي گهٽ آمدني طور درجابندي ??ئي هئي، جن مان 39 ملڪ هاڻي وچولي درجي وارا آمدني وارا ملڪ بڻجي چڪا آهن، جن جي في ڪس سالياني آمدني 2023?? تائين 1145 ڊالر کان وڌيڪ هئي. باقي ملڪن ۾ اؤسر جمود جو شڪار آهي. انهن ملڪن جي في ڪس سالياني مجموعي قومي پيداوار ۾ گذريل 15 سالن ۾ سالياني سراسري 0.1 سيڪڙو کان گهٽ شرح سان وڌي آهي. عالمي بئنڪ مطابق جيڪڏهن ترقيءَ جي شرح ۾ مستقل بهتري نه آئي ته گهٽ آمدني وارن ملڪن مان صرف 6 2050?? تائين وچولي درجي جي آمدني وارن ملڪن شامل ٿي سگهندا. عالمي بئنڪ جي چيف اڪانومسٽ ۽ ترقياتي معاشيات بابت سينيئر نائب صدر اندرمت گل ٻُڌايو ته اي??دڙ 25 سالن ۾ غريب ترين ملڪن لاءِ ترقي ۽ اؤسر جو هڪ اهم موقعو آهي، عالمي برادري، ترقياتي ڀائيوارن کي به ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن ٻُڌايو ته گذريل 15 سالن ۾ انهن ملڪن جي في ڪس آمدني ۾ عملي طور تي ڪابه واڌ نه ٿي آهي. پر اوڀر، ڏکڻ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي رڪارڊ مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته ٿوري پرڏيهي مدد ۽ بهتر ملڪي پاليسي سان جنگ ۽ عدم اتحڪام جا شڪار ملڪ به پائيدار اقتصادي ترقيءَ لاءِ حالتون پيدا ٿي سگهنديون.