اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شهيد ??عت??از حسن بي مثال بهادري جو مظاهرو ڪري پنهنجي اسڪول ۽ ڪلاس فيلورز کي دهشتگرد حملي کان بچائيندي پنهنجي جان قربان ڪئي، ??عت??از جي ميراث ايندڙ نسلن جي لاءِ مشعل راهه آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيد ??عت??از جي ورسيءَ جي موقعي تي چيو ته اڄ اسان خيبرپختونخواهه جي ضلعي هنگو سان تعلق رکندڙ پاڪ مٽيءَ جي فرزند شهيد ??عت??از حسن جي شهادت کي ياد ڪري ڏکويل آهيون جنهن جي غيرمعمولي جرئت اسان جي لاءِ اميد جو ڏيئو آهي. وزيراعظم چيو ته رڳو 15 سالن جي عمر ۾ ??عت??از بي مثال بهادري جو مظاهرو ڪيو ۽ پنهنجي اسڪول ۽ ڪلاس فيلوز کي دهشتگرد حملي کان بچائيندي پنهنجي جان قربان ڪئي. هن چيو ته ??عت??از جو بي لوث ۽ پختو عزم اسان کي ياد ڏياري ٿو ته همت ۽ بهادري جو هڪ عمل ڪيترين ئي ??ندگين ??ي بچائي ??گهي ٿو، ??عت??از جي ميراث ايندڙ نسلن جي لاءِ مشعل راهه آهي.