اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بلوچستان صوبي ۾ معدني وسيلن جي دريافت ۽ انهن جي استعمال جي حوالي سان ٿيندڙ ڪوششن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته بلوچستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي حڪومت جي او??ين ترجيحن ۾ شامل آهي، معدني وسيلن کي صوبي جي عوام جي خوشحالي ۾ آڻڻ کي يقيني بنايو وڃي، هو بلوچستان صوبي جي معدني وسيلن کي ڪتب اڻ?? لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ قانون وارو وفاقي وزير ??روغ نسيم،آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوده، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، عبدالرزاق دائود، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير ??حمود خان، بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان، خاص مددگار ليفٽننيٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه سميت ٻين سول سينئر ۽ ملٽري آفيسرن شرڪت ڪئي.