اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مولانا فضل الرح??ان جو راتوڪو خطاب پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) کان دلبرداشته رويي ۽ مايوسين جو اظهار هو، پهرين ڏينهن چيو هو ته اهي ماڻهو پاڻ ۾ سچا نه آهن ته قوم سان ڪ??ڙي وفا ڪندا. چونڊن ۾ رد ٿيندڙ جٿن جي صورت ۾ حقيقي عوام?? مينڊيٽ جي توهين نه ڪن نه وري جمهوري نظام تي حملا آور ٿين، سياسي اڪيلائپ جو شڪار مولانا ذاتي مفادن جي عينڪ لاهي ڏسي ته خبر پئجي ويندي ته پاڪستان اڪيلائي جو شڪار نه آهي.