اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود ??ريشي سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ سعودي پرڏيهي آفيس جو دورو ڪيو، سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود ??رڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ??ريشي جو شاندار استقبال ڪيو. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ??ريشي پنهنجي سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وچ اوڀر ۾ موجود ڇڪتاڻ ۽ خطي ۾ ا??ن امان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.