اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد ق??صر جي صدارت ۾ اجلاس ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي خوراڪ واري صوبائي وزيرن سميت خوراڪ جي صوبائي سيڪريٽري ۽ ايس ايم بي آر جا ميمبر شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ خيبرپختونخوا کي ڪڻڪ جي فراهمي جي معاملي تي غور ڪيو وي??، اسپي??ر چيو ته خيبرپختونخوا کي ضرورت موجب ڪڻڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، ڪي پي ڪي جي خوراڪ واري وزير چيو ته هلندڙ سال خيبرپختونخوا ۾ ڪڻڪ جي پيداوار ان جي ضرورت کان گهٽ آهي ، پنجاب جي خوراڪ واري وزير خاطري ڪرائي ته خيبرپختونخوا ۾ ڪڻڪ جي ضرورت پورو ڪرڻ ۾ مڪمل تعاون ڪنداسين.