اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ سان گڏوگڏ معاشي استحڪ??م جي لاءِ هڪ ٺوس پاليسي جوڙي وئي آهي جنهن تي وزيراعظم عمران خان جي حڪومت پ??ري طرح عمل ڪري رهي آهي. نجي ٽي وي چي??ل سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان هڪ غريب ملڪ آهي جنهن کي مالياتي مسئلا درپيش آهن ۽ مڪمل لاڪ ڊائون کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ ملڪي معيشت تي نقصانڪار اثر پئجي سگهن ٿا. هن چيو ته ڪوويڊ 19 هڪ عالمي ??سئلو آهي ۽ وزيراعظم عمران خان جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي پالسي کي دنيا ساراهيو آهي. هن چيو ته جاري عالمي ??با دوران وزيراعظم ولولي انگيز قائداڻي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته مڪمل لاڪ ڊائون جو ڪو بحث نه آهي ڇو ته موذي وائرس جي اهڙي صورتحال نه آهي.