لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان چيو آهي ته عوام جي مسئلن جي فوري حل ۽ فلاحي، سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا ۽ ميمبر ان ڏس ۾ عوام سان مستقل رابطي ۾ رهن ۽ ڪنهن به ??سئلي جي حل جي حوالي سان درپيش انتظامي مشڪل جي صورت بابت مون کي فوري طور تي آگاهه ڪيو وڃي، ٿل ڪينال منصوبو شروع ڪرڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي، جيڪو جلد شروع ٿي ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي مختلف ضلعن سان تع??ق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن سان لاهور ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ميمبرن وزيراعظم کي پنهنجي لاڳاپيل تڪن ۾ ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان قدمن، عوام کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي حل ۽ فلاحي ۽ ترقياتي معاملن بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظ?? عمران خان چيو ته عوام جي مسئلن جي فوري حل ۽ فلاحي، سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. ميمبر ان ڏس ۾ عوام سان مستقل رابطي ۾ رهن ۽ ڪنهن به ??سئلي جي حل جي حوالي سان درپيش انتظامي مشڪل جي صورت بابت مون کي فوري طور تي آگاهه ڪيو وڃي.