اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سي??ٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازه ترين انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ 19 جي 300 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ 19 جا 20 هزار 882 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 5 هزار 247، پنجاب ۾ 8 هزار 805،خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 600، اسلام آباد ۾ 2 هزار 706، بلوچستان ۾ 230، گلگت بل??ست??ن ۾ 267، آزاد ڪشمير ۾ 27 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 80 هزار 970 ٿي چڪو آهي. آزاد ڪشمير، گلگت بل??ست??ن ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت و??نٽيليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جي لاءِ مختص هڪ هزار 920 وينٽيليٽرز تي 92 مريض آهن، هن وقت سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي ايڪ??و ڪيسز جو تعداد 8 هزار 881 آهي، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 2 لک 96 هزار 149 آهي، جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 299، بلوچستان ۾ 12 هزار 879، گلگت بل??ست??ن ۾ 2 هزار 903، اسلام آباد ۾ 15 هزار 649، خيبرپختونخوا ۾ 36 هزار 118، پنجاب ۾ 96 هزار 832 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 29 هزار 469 مريض آهن.