ڪ??اچ?? – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪ??اچ?? جي مسئلن جي مستقل حل لاءِ 1100 ارب روپين جي تاريخي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي اهو پيڪيج وفاقي ۽ صو??ائي حڪومت گڏجي جوڙيو آهي، ڪ??اچ?? جي مسئلن جي حل لاءِ صو??ائي ڪوآرڊينيشن عملدرآمد ڪميٽي جوڙي وي??دي. ڪ??اچ?? جي دوري جي موقعي تي ڪ??اچ?? ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان ان تاريخي پيڪيج جو اعلان ڪيو، هن چيو ته ڪ??اچ?? جي مسئلن جي حل لاءِ اجلاس ۾ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسان ڪوشش ڪنداسين ته ٽن سالن ۾ ڪ??اچ?? ۾ پاڻي جو مسئلو حل ٿي وڃي، نالن جي صفائي جو ڪم اين ڊي ايم اي جي حوالي ڪيو وي?? آهي جنهن ان تي ڪم به شروع ڪري ڇڏيو آهي، هتي آباد غريب ماڻهو بي گهر ٿيندا جنهن کي ٻيهر آباد ڪرڻ جي ذميداري سنڌ حڪومت جي آهي، وزيراعظم چيو ته سيوريج سسٽم جي حوالي سان فيصلو ڪيو وي?? آهي، انهي پيڪيج ۾ ان مسئلي کي به مڪمل حل ڪيو وي??دو، ان سان گڏوگڏ سالڊ ويسٽ جو مسئلو به ان پيڪيج تحت ئي حل ڪيو وي??دو، وزيراعظم چيو ته ڪ??اچ?? ۾ ٽرانسپورٽ جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ سرڪلر ريلوي به انهي پيڪيج تحت مڪمل ٿيندو، ڪ??اچ?? ۾ گرين لائن منصوبو به مڪمل ڪنداسين، وزيراعظم چيو ته ڪ??اچ?? جي ماڻهن کي مشڪل حالتن مان گذرڻو پيو آهي تنهن هوندي به اهي مسئلا ان ڪميٽي جي تعاون سان حل ڪنداسين.