اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ انسانيت هر ڏينه?? مري رهي آهي، ڪشميرين جو آواز دٻايو پيو وڃي، پاڪستان آواز بڻجندو. پرڏيهي وزارت ۾ ڪاري ڏينهن جي جي موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته ڪشمير ??ڳو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرار نه آهي پر ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي روڪٿام جي ل??ءِ گڏيل انسانيت جي ل??ءِ هڪ آزمائشي امتحان آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلمن جي انتها ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪشميري عوام کي بدترين نوعي?? جو غيرانساني سلو?? جو نشانو بڻايو پيو وڃي.