اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي تيز رفتار ترقي ۽ زرعي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ اهم آءِ ٽي تي ٻڌل جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان معاشي طور تي هڪ مضبوط ملڪ طور اڀرڻ جي تمام گهڻي صلاحيت رکي ٿو، تحقيق ۽ ترقي ۾ سيڙپڪاري، زرعي ۽ صنعتي پيداوار ۾ اضافي، نوجوانن خاص طور تي عورتن کي مارڪيٽ تي ٻڌل مهارت ۽ علم جي فراهمي جي نتيجي ۾ پاڪستان ترقي جون منزلون تيزي سان طئي ڪر?? سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايل سي سي آئي) اچيومينٽ ايوارڊز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي، لاهور چيمبر جي صدر ميان نعمان ڪبير، سماجي ڪا??ڪنن، سرندي وارن ماڻهن، لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي عهديدارن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر واپاري برادري تي زور ڏنو ته اها ڪا??وباري ۽ صنعتي شعبن ۾ عورتن جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪر?? ته جيئن انهن جي پنهنجي خاندان جي عورتن سان گڏوگڏ ٻيون عورت ورڪرز به ملڪ جي ڪا??وباري ۽ اقتصادي شعبي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پاڻ کي محفوظ محسوس ڪن. هن لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري کي انهن اهل عورتن جي لاءِ آن لائين ڪا??وبار ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪر?? جو مشورو پڻ ڏنو جيڪو ڪجهه سببن جي ڪر?? گهر کان ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿيون. صدر ڪا??وباري سرگرمين ۾ عورتن جي شموليت کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته عورتن جي شموليت کانسواءِ معاشي ترقي حاصل ڪرڻ ناممڪن آهي. هن واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ ۽ عورتن کي ڪا??وبار ۾ شموليت جي حوصلا افزائي جي لاءِ ايل سي سي آئي جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته واپار، ڪا??وبار ۽ سيڙپڪاري ۾ معاون پاليسين جو تسلسل، ڪا??وباري معاملن ۾ هر سطح تي مشاورتي فيصلاسازي جو عمل ڪا??وبار ۾ آساني کي يقيني بڻائڻ، جدت ۽ بهترين ترقي جي لاءِ ڪا??وباري ماڻهن جو جذبو ملڪ جي مالي ۽ اقتصادي استحڪام جي لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته ان سان پاڪستان مان مستقبل کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ ۽ تيز رفتار اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر عورتن تي زور ڏنو ته اهي حضرت خديجه رضه الله عنها جي مثال تي عمل ڪن جيڪا هڪ آزاد ڪا??وباري، واپاري عورت هئي. هن عورتن تي زور ڏنو ته اهي ملڪ جي ڪا??وباري ۽ معاشي شعبن ۾ ڀرپور ۽ فعال ڪردار ادا ڪر?? پنهنجو مقام حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. صدر چيو ته ڪا??وباري ۽ صنعتي شعبو ??ن وقت تيزي سان ترقي ڪندو جڏهن اسان انهن کي بدعنواني کان پاڪ، محفوظ ۽ اخلاقيات تي ٻڌل ڪا??وباري ماحول فراهم ڪنداسين. هن دستاويزن ۽ نظام ۽ عمل کي آسان بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته اسان ڪا??وباري واپار ۽ سيڙپڪاري جي معاملن کي قانون موجب حل ڪر??ون ۽ ان جي ذريعي معيشت ۾ وڌيڪ شفافيت آڻي سگهجي ٿي. ان موقعي تي لاهور چيمبر اينڊ ڪامرس جي نمائندن چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي مسلسل سرپرستي تي صدر جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته صدر جي مشوري تي چيمبر ڪا??وباري ۽ صنعتي شعبي ۾ عورتن جي شموليت جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيو آهي. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف ڪمپنين، ڪا??وباري ادارن ۽ چيمبر جي نمائندن کي نمايان ڪا??ڪردگي جو مظ??هرو ڪرڻ تي ايوارڊ ڏنا.