اسلام آباد– 03 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سنگاپور جي ڪاروباري ادارن سان ٻطرفي واپاري ۽ ڪاروباري رابطن جي فروغ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان پراسيسڊ خوراڪ ۽ سي فوڊ ۾ سنگاپور جي لاءِ پائيدار پ??چ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار سنگاپور ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر رابعه شفيق سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ت?? سنگاپور جي ڪاروباري ادارن کي پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ت?? سنگاپور ۾ پاڪستاني خوراڪ ۽ زرعي مصنوع??ت جي برآمد??ت جا موقعا ڳولڻ گهرجن. پاڪستان پراسيسڊ خوراڪ ۽ سي فوڊ ۾ سنگاپور جي لاءِ پائيدار پ??چ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. آصف علي زرداري چيو ت?? پاڪستاني افرادي قوت سنگاپور موڪلڻ، آءِ ٽي ۽ زراعت ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر آصف علي زرداري رابعه شفيق کي بطور پاڪستاني هاءِ ڪمشنر نامزد ٿيڻ تي ??با??ڪباد ڏني ۽ سندس لاءِ نيڪ خو??هش?? جو اظهار ڪيو.