اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي آهي ته بهتر طرز ??ڪو??ت (گڊ گورننس)، ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ پنهنجون توانايون ۽ تجربو استعمال ۾ آڻين، سياسي قيادت ۽ بيوروڪريسي کي ملڪ جي مستقبل جو تعين ڪرڻو آهي ان جي لاءِ نئين سوچ ۽ بهتر طرز ??ڪو??ت (گڊ گورننس) جي ضرورت ??هي. وزيراعظم هائوس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان تازو ئي ترقي ماڻيندڙ وفاقي سيڪريٽرين ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان ترقي ماڻيندڙ آفيسرن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته انهن جي ترقي سندن ڪارڪردگي ۽ نج ميرٽ کي نظر ۾ رکي ڪئي وئي ??هي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ترقي ماڻيندڙ آفيسر پنهنجون ذميواريون ان??ها??ي فرض شناسي ۽ ملڪ ۽ قوم جي خدمت جي ڀرپور جذبي تحت ادا ڪندا.