اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) ڪورونا وائرس جي وبا جي وڌندڙ رجحان سبب سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي 5 جون کان شروع ٿيندڙ سينيٽ جي اجلاس جي لاءِ صحت واري وزارت ۽ صحت جي عالمي اداري پاران جاري ڪي?? ايس او پيز تي مڪمل عملدرآمد جي هدايت ڪئي آهي ۽ اجلاس منعقد ڪرڻ جي لاءِ موثر انتظامن جي پڻ هدايت جاري ڪئي آهي. انهن انتظامن موجب پ??رليامينٽ جو اجلاس باقاعده طور تي پاڪستان ٽيليويزن ذريعي سڌوسنئون نشر ڪي?? ويندو ته جيئن ميڊيا جي نمائ??دن کي ڪوريج جي لاءِ متبادل ذريعو ملي سگهي. ميڊيا جي نمائ??دن کي گذارش ڪئي ويندي ته اجلاس جي ڪارروائي لاءِ پي ٽي وي ٽرانسميشن مان ف??ئدو کڻن.