اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ۽ سي پيڪ اٿارٽي چيئرمين جي ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته ڏکڻ بلوچستان ۾ سي پيڪ سان لاڳاپيل منصوبن تي اڳڀرائي جاري آهي، خضدار کان ??سي??ا 110 ڪلوميٽر ٻن ڦاڪن ??اري رستي تي ڪم ڀرپور انداز ۾ جاري آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اين 30 رستي تي ڪم آڪٽوبر 2019ع ۾ شروع ٿيو، اين 30 رستي جي تعمير تي 19 ارب رپ??ا لاڳت ايندي. عاصم سليم باجوه چيو ته رستي جو 20 سيڪڙو ڪم مڪمل، رستو خضدار کي اين 85 سان ڳنڍيندو. هن چيو ته منصوبي جي 2021ع ۾ مڪمل ٿيڻ سان گوادر تائين پهچ وڌيڪ آسان ٿي ويندي.