اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پ?? پي) احساس صارفين جي مفادن جي تحفظ کي نظر ۾ رکندي خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ثانيه نشتر سائيبر ڪرائم ونگ جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سائبر ڪرائيم ونگ بي آءِ ايس پي ۾ قائم ڪيو ويندو، ونگ جي قيام سان انهن سڀني ڪرپٽ عنصرن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو، جيڪي معصوم عوام کي د??کي ۽ جعلسازي ذريعي احساس امداد جي حوالي سان بيوقوف بنائيندا آهن، اهي ڪرپٽ عنصر ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي مدد سان ماڻهن کي جعلي مي??يج ۽ ٻين هٿ ڪنڊن جي ذريعن ڦريندا آهن، ڊاڪٽر ثانيه نشتر احساس مينيجمينٽ کي ان ونگ جي جوڙجڪ جي عمل کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هد??يت ڪئي آهي.