اسلام آباد – 28 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اها ڪوويڊ 19 کان بچاءُ جي لاءِ صحت جي رهنما اصولن ۽ ايس او پي?? تي سختي سان عمل ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن قوم جي نالي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ ڪيو. اسپيڪر اها ??پيل ان وقت ڪئي جڏهن سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس بيماري جي ٻي لهر جي اچڻ تي اها ??يماري وڌي رهي آهي.