اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اقتدار کان محرومي مخالف ڌر کي ذهني طور تي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي، استعيفيٰ ڏ??ڻ ۾ ناڪامي کانپوءِ پي ڊي ايم جا جلسا ملتوي ڪرڻ ثابت ڪري ٿو ته هي سياسي ڪنفيوزڊ آهن، پاڪستان جي عوام پي ڊي ايم خاص طور تي مسلم ليگ (ن) جي ذاتي مفاد جي تحفظ جي ايجنڊا کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته هي ڄاڻي وٺن ته عوام ڪرپشن جي حمايت ۾ نه پر ڪرپشن جي خلاف نڪرندي آهي، ع??ران خان جي ڪرپٽ نظام ۽ ان جي بينيفشريز جي خلاف جنگ پوري قوت سان جاري رهندي. هن چيو ته عمران خان جي بغض ۾ هي لکين ج??ن ڪري وٺن، ع??ام انهن جي ڪنهن تحريڪ سان گڏ نه آهي ۽ نه ئي هوندي.