اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم تحريڪ ناهي رهي، ان جي جان نڪري چڪي آهي، مخالف ڌر وٽ رڳو مايوسي، ناڪامي ۽ پشيماني باقي رهجي وئي آهي، چونڊيل حڪومت ڪيرائڻ جي ??وا??ش رکندڙ عوام جي نظرن ۾ ڪري پيا، (ن) ليگي اڳواڻ بوکلاهٽ جو شڪار آهن. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته براڊ شيٽ معاملي اين آر او جي سي??ست کي کولي ڇڏيو، اهو انهن جي لاءِ پاناما 2 ثابت ٿيندو.