اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيڊرل ٽيڪس محتسب جي فيصلي جي خلاف ايف بي آر پاران داخل ڪيل اپيل رد ڪري ڇڏي آهي. صدر ايف بي آر کي جعل?? ٽيڪس ري فنڊ ڪيس ۾ هڪ ڪروڙ 44 لک رپين جي وصولي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وف??قي محتسب ايف بي آر جي علائقائي آفيسن پاران ريفنڊ جي ادائيگي ۾ ڪيل بي ضابطگين جي خلاف پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو. وف??ق?? ٽيڪس محتسب ايف بي آر کي جعلي رسيدن جي بنياد تي ادا ڪئي ويندڙ رقم وصول ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. صدر وف??ق?? ٽيڪس محتسب جي فيصلي کي برقرار رکيو آهي. صدر ايف بي آر پاران جعلي دعوائن ۽ جاچ ۾ ناڪامي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ايف بي آر جي عملدارن جعلي رسيدن جي بنياد تي 13 – 2012ع ۾ جعلي رجسٽرڊ پرسن کي هڪ ڪروڙ 44 لک کان وڌيڪ ٽيڪس ري فنڊ ڪيو، ايف بي آر عهديدارن جي ملي ڀڳت سان رقم واپس ڪئي وئي ۽ ??مي??ارن جي خلاف ڪا ??ار??وائي نه ٿي.