اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پيغمبر اسلام ﷺ جي توهين آميز خاڪن جي ڇپائي جي رد عمل ۾ فرانس سا?? لاڳاپن ۽ سفير جي ملڪ بدري بابت قرارداد تي پارليامينٽ جي سفا??شن کانپوءِ ئي حڪومت ڪو حتمي فيصلو ڪندي، پاڪستان جو افغانستان جي استحڪام ۽ نئين سر تعمير ۾ اهم ڪردار هوندو. وائيس آف آمريڪا کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ صدر چيو ته پرڏيهي پاليسي جي فيصلو وفاقي حڪومت جو استحقاق آهي تنهن هوندي به پارليامينٽ پنهنجون سفارشون سا??هون آڻي سگهي ٿي، هن چيو ته هڪ جمهوري ملڪ هجڻ جي حيثيت سا?? فرانس جي سفير کي ملڪ مان ڪڍڻ جي قرارداد پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي ته جئين عوام جي جذبن جي عڪاسي ٿي سگهي ۽ پارليامينٽ ئي اهو فورم آهي جتي عوام جي خواهشن جو صحيح اظهار ٿي سگهي ٿو. تنهن هوندي به ان جي بقول وزيراعظم عمران خان اهو سمجهي ٿو ته سفير کي ڪڍڻ سا?? پاڪستان کي معاشي نقصا?? ٿيندو، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان جي مذهبي طبقي جي پرتشدد احتجاج ڪجهه يورپي ملڪن جي اسلام جي حوالي سا?? قدمن جو نتيجو آهي جن??ن اهڙي وقت ۾ تهذيبن کي هڪٻئي جي سا??هون آڻي بيهاريو آهي جڏهن دنيا کي امن جي ضرورت آهي، عارف علوي چيو ته مون کي ڪو به حق نٿو پهي ته اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ اهڙي ڳالهه ڪريان جو ڪنهن کي تڪليف پهچائي. يورپ ۾ هولوڪاسٽ بابت ڳالهه ڪرڻ قانوني طور تي ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي، هن چيو ته پيغمبر اسلام جي گستاخانه خاڪن جي ڇپائي سا?? ماڻهن جا جذبا مجروح ٿيا، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته 18 هين آئيني ترميم تي وزيراعظم عمران خان جا اعتراض جائز آهن ته وسيلن جي اعتبار سا?? وفاق جو حصو وڌڻ گهرجي. هن چيو ته وفاق ان معاملي کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ رکيو آهي، جنهن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آهي، جهڙي طرح آئين ۾ بهتري جي لاءِ آئين ۾ ترميم آڻي سگهجي ٿي اهڙي طرح ارڙهين ترميم ۾ بهتري جي لاءِ به ترميمون آڻي سگهج?? ٿيون. صدر چيو ته 18 هين ترميم مجموعي طور تي هڪ مناسب آئيني ترميم هئي جنهن ۾ 58 ٽو بي جي تلوار هٽائي وئي ۽ قومي وسيلن تي صوبن کي ڪيترائي اختيار ڏنا ويا، صدر چيو ته آرٽيڪل 370 جي خاتمي کانپوءِ ڀارت سا?? ڳالهيون نٿيو?? ٿي سگهن.