اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ آمريڪا سان امن لاءِ حصيدار بڻ??ڻ جي لاءِ تيار آهي پر پنهنجي سرزمين تي آمريڪي فوجي اڏن جي اجازت نه ڏيندو، اسان ان جي سٽ سهي نٿا سگهون، اسان پهرين ئي ان جي وڏي قيمت ادا ڪري چڪا آهيون، افغانستان ۾ ڪو هڪ اسان جو پسنديده نه آهي، ڪنهن به اهڙي حڪومت سان گڏ ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي??ن جنهن کي افغان عوام جو اعتماد حاصل هجي، خطي ۾ امن ۽ ترقي لاءِ هڪ نئين علائقائي ميثاق جي ضرورت آهي. مشهور آمريڪي اخبار ”واشنگٽن پوسٽ“ ۾ لکيل پنهنجي مضمون ۾ وزيراعظم عمر??ن خان چيو آهي ته پاڪستان افغانساتن ۾ امن لاءِ آمريڪا سان حصيدار بڻ??ڻ لاءِ تيار آهي پر افغانستا?? مان آمريڪي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ اسان ڪنهن وڌيڪ تڪرار جو خطرو نٿا کڻي سگهون.