اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ڪلين اينڊ گرين پاڪستان مهم هڪ تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي، پوري پاڪستاني قوم ماحولياتي تبديلي جي خراب اثرن کان بچڻ لاءِ وڻ پو??ي پنهنجي قومي ذميداري پو??ي ڪري رهي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان سومر ڏينهن لاهور ۾ مياواڪي اربن فاريسٽ جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم سگيان ۾ مياواڪي وڻ پوکڻ جي مهم جو آغاز ڪندو. وڏي وزير سان ملاقات سميت گورنر هائوس پن??اب ۾ وزيراعظم ??ي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي جي حوالي سان آب پاڪ اٿارٽي تي بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم کي اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز بابت بريفنگ ڏني ويندي.