اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام علائقائي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ ضروري آهي، افغانستان کي فوري طور تي انساني بنيادن تي امداد جي ضرورت آهي، عالمي برادري کي افغانستان ??ان ??ابطن ۾ رهڻ گهرجي، مشڪل حالتن ۾ افغان ??وام کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي، روس سان ??وانائي، واپار سميت ٻين شعبن ۾ تعاون جو فروغ چاهيون ٿا. روس جي صدر ولاديمير پيوٽن وزيراعظم عمران ??ان کي ٽيليفون ڪئي. ٻنهي اڳواڻن افغانستان ۾ تازي اڳڀرائي، گڏيل تعاون ۽ شنگهائي تعاون تنظيم ۾ تعاون تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران ??ان ??ن موقعي تي چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام علائقائي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ ا??مي?? رکي ٿو، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغانستان کي هنگامي بنيادن تي انساني امداد فراهم ڪئي وڃي جڏهن ته معاشي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پڻ مدد ڪئي وڃي. وزيراعظم عمران ??ان ??المي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان ??ان ??ابطا برقرار رکي. هن زور ڏنو ته افغان ??وام کي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ اڪيلو نه ڇڏيو وڃي. هن افغانستان ??ي تبديل ٿيندڙ صورتحال جي ا??مي?? جي ڏس ۾ پ??ڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ويجهن لاڳاپن ۽ مشاورت تي زور ڏنو. گڏيل تعاون جي ڏس ۾ وزيراعظم مختلف شعبن ۾ وڌندڙ تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي پاڪستان پاران مجموعي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ روس سان ??عاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم ان موقعي تي پاڪستان ??سٽريم گيس پائيپ لائين منصوبي کي جلد عملي جامعو پارائڻ جي عزم کي پڻ ورجايو. وزيراعظم روسي صدر پيوٽن کي پاڪستان ??ي دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو جڏهن ته روسي صدر وزيراعظم عمران ??ان کي روس جي دوري جي دعوت جي تجديد ڪئي. اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خي??لن ۾ هم آهنگي، وڌندڙ اعتماد ۽ تازن اعليٰ سطح جي رابطن سان ??بارت ٻطرفي تعاون ۾ اضافي جي ڪري پاڪستان ۽ روس جا لاڳاپا فروغ پذير آهن. ٻنهي اڳواڻن ويجهو رابطو رکڻ تي اتفاق ڪيو.