اسلام ??با?? – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو خواب مديني جي رياست وانگر فلاحي نظام، معاشي ترقي ۽ خوشحال عوام آهي، محدود وسيلن وارن 37 لک خاندانن کي 1400 ارب سان معاشي طور تي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ڪامياب پاڪستان پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، ان سان غربت جي خاتمي، محروم طبقن کي بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪامياب ??با??گار جي ذريعي ??با??گارن کي بنا وياج جي قرض ڏنا ويندا، ڪامياب ??ار??بار پروگرام تحت ??ار??بار جي لاءِ پنج لک تائين بنا وياج قرض ڏنا ويندا، سستا گ??ر اسڪيم تحت پنهنجو گهر بڻائڻ جي لاءِ آسان قسطن تي فنانسنگ جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي ۽ فني تعليم ۽ صحت انصاف ڪارڊ به ڪامياب پاڪستان پروگرام جو حصو آهي.