اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??يو??ن صدر جي جامع مسجد مان جمعي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ۽ ??يو??ن صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي، ان موقعي تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز خطبو ڏنو. هن پنهنجي خطبي ۾ عبادت سان گڏوگڏ روز مره جي معاملن ?? بهتري ??ي اهميت تي روشني وڌي، هن رسول اڪرم ﷺ جي سيرت سان حسن اخلاق، احترام انسانيت ۽ صله رحمي جي رخن کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته پاڻ ﷺ جو ڪردار ۽ شخصيت اسان جي لاءِ رول ماڊل آهي، اسان کي منبر ۽ محراب ۽ ميڊيا جي ذريعي انهن صفتن کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن کي اختيار ڪري ??سان جو معاشرو بهتري ??رف گامزن ٿي سگهي ٿو. ان موقعي تي ملڪي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي. ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي ان کان اڳ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو هو ته عوام جي رهنمائي لاءِ ??يو??ن صدر مان هر جمعي تي 15 منٽن لاءِ بهترين مقرر خطبو ڏيندا.