اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪابينا جي توانائي بابت ڪميٽي (سي سي او اي) جو اجلاس منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري ??فاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ نون ٽرمينلز جي قيام جي حوالي سان بين الوزارتي ڪميٽي جي رپورٽ جي بنياد تي بحري ??عاملن واري ??زارت سمري ??يش ڪئي، سي سي او سي سمري جو تفصيلي جائزو وٺي پائپ لائين جي ڪيپسٽي ايلوڪيشن جي منظوري ڏئي ڇڏي، اسد عمر هدايت ڪئي ??ه نئين ايل اين جي ٽرمينلز جي قيام تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪ??و وڃي. پاور ڊويزن پاڪستان اليڪٽرانڪ پاور ڪمپني جي ري اسٽرڪچرنگ جي سمري اجلاس ۾ پيش ڪئي ۽ ڪابينا جي توانائي بابت ڪميٽي ان جي منظوري ڏئي ڇڏي. سي سي او اي چيو ته بحالي جي منصوبي تي عملدرآمد کي 31 ڊسمبر 2021ع تائين مڪمل ڪ??و وڃي ۽ انساني وسيلن جي حوالي سان نئين انتظاميه جون خدمتون جلد حاصل ڪيون وڃن. اجلاس جي دوران پاور ڊويزن جي آر ايل اين جي پلانٽس جي آپريشنز جي سمري تي به غور ڪ??و ويو. ڪميٽي هدايت ڪئي ته آر ايل اين جي جي درآمد جي ڪري ??يش ايندڙ مسئلن جو خاتمو يقيني بڻا??و وڃي، ڪميٽي هدايت ڪئي ته ان حوالي سان توانائي وارو وزير، اوگرا ۽ نيپرا جي عملدارن سان اجلاس ڪري ۽ مسئلن جي حل جون تجويزون سي سي او اي جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيون وڃن، ڪميٽي آگسٽ 2021ع جي لاءِ پاور ڊويزن پاران جمع ڪرايل گردشي قر??ن جي رپورٽ جو جائزو ورتو ۽ گذريل 12 مهينن دوران گردشي قرضن ۾ صرف 57 ارب روپين جي اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. واضح رهي ته گذريل حڪومت جي دور ۾ گردشي قر??ن جو ساليانو ماپو 450 ارب روپيا هو، اجلاس ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير، توانائي وارو وفاقي وزير، بحري ??عاملن وارو وفاقي وزير، واپار وارو صلاحڪار، سي پيڪ جي حوالي سان وزيراعظم جو خاص مددگار ۽ لاڳاپيل ريگوليٽري ادارن سميت ٻين وزارتن ۽ ڊويزنن جي اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي.