اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) ۽ قائداعظم يو??يورسٽي اسلام آباد جي وائيس چا??سلر کي هدايت ڪئي آهي ته يو??يورسٽي ڪيمپس ۾ بلوچ شاگردن کي هراسان ڪرڻ ۽ نسلي پروفائلنگ جي واقعن کان بچڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر اهڙيُون هدايتُون اسلام آباد هاءِ ڪ??رٽ جي 8 اپريل 2022ع جي حڪم نامي جي تعميل ۾ بلوچ شاگردن جون شڪايتون ٻڌڻ کانپوءِ جاري ڪيون آهن جنهن ۾ صدر جيڪو قائداعظم يو??يورسٽي جو چا??سلر به آهي، کي چيو ويو هو ته هو بلوچ شاگردن جي مسئلن کي فوري حل ڪري، عدالت بلوچ شاگردن جا مسئلا ٻڌا، نسلي پروفائلنگ جي جاچ ڪرڻ ۽ عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو چيو هو، صدر اها هدايت ايوان صدر ۾ ٿيندڙ ٻڌڻي کانپوءِ ڪئي جنهن ۾ قائداعظم يو??يورسٽي جي وائيس چا??سلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي، گهرو وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري محمد ايوب چوڌري ۽ ايڊووڪيٽ ايمان زينب حاضر شرڪت ڪئي، صدر ايڇ اي اي کي سمورين وفاقي يو??يورسٽين کي پنهنجي ڪميپسز ۾ هراسان ڪرڻ ۽ نسلي پروفائلنگ جي ڪنهن به واقعي کان بچڻ لاءِ اڻٽر قدم کڻڻ لاءِ ضروري هدايتون جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ملڪ کي هڪ انوکي صورتحال درپيش آهي ۽ دهشتگردي جي ڪاررواين جو ٻيهر سر کڻڻ ڳڻتي جوڳو آهي، هن چيو ته دهشتگردي جي تدارڪ لاءِ ڪ??ششون اسان جي امن ۽ وجود لاءِ ضروري آهن پر کين انتهائي احتياط ۽ توازن سان انجام ڏيڻ گهرجي ته جيئن آبادي جي ڪنهن به طبقي خاص طور تي بلوچستان جي شاگردن کي ڌار يا پروفائل نه بڻائي سگهجي، صدر قائداعظم يو??يورسٽي جي وائيس چا??سلر کي به هدايت ڪئي ته بلوچستان جي شاگردن جي معاملي ۾ عمومي طور تي احساس محرومي يا تنهائي ڏٺي ويندي آهي، تنهن ڪري سمورن تعليمي ادارن تي فرض آهي ته هو اهڙن جذبن کي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ احتياط ڪن. هن چيو ته بلوچ شاگردن ۾ احساس محرومي کي ختم ڪرڻ لاءِ شاگرد برادري جي اندر سرگرمين ۽ مباحثن جو هڪ فعال پروگرام تيار ڪرڻ گهرجي، هن وائيس چا??سلر کي چيو ته هو اهڙي ڪنهن به سرگرمي جي سرگرمي سان نگراني ڪري جيڪا قائداعظم يو??يورسٽي ۾ بلوچ شاگردن جي لاءِ ڳڻتي جو سبب هجي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بدنامي کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ يو??يورسٽي ايندڙن جي تصديق ڪئي وڃي، ان کان اڳ صدر 20 ۽ 21 اپريل 2022ع تي بلوچ شاگردن جا مسئلا ٻڌا هئا، صدر کي آگاهه ڪيو ويو هو ته هڪ بلوچ شاگرد بلوچستان ۾ پنهنجي اباڻي شهر کان گم ٿي ويو آهي جنهن کي هڪ نا??عل??م شخص جو فون آيو جنهن ان کي ٻي نا??عل??م شخص کان قائداعظم يو??يورسٽي جي ڪيمپس ۾ ملڻ جو چيو، ان کانپوءِ ??عل??م ٿيو ته حفيظ بلوچ نالي شاگرد بازياب ٿي چڪو آهي ۽ اهو پوليس جي حراست ۾ آهي. شاگردن صدر/ قائداعظم يو??يورسٽي جي چا??سلر کان حفيظ بلوچ جي سيمسٽر کي منجمند ڪرڻ جي درخواست ڪئي ته جئين هو الزام مان بري ٿيڻ جي صورت ۾ پنهنجي تعليم جاري رکي س??هي?? قائداعظم يو??يورسٽي جي وائس چا??سلر بلوچ شاگردن جي درخواست سان اتفاق ڪيو ۽ صدر کي يقين ڏياريو ته حفيظ بلوچ جو سيمسٽر منجمند ڪيو ويندو ته جئين هو الزامن مان بري ٿيڻ جي صورت ۾ پنهنجي تعليم جاري رکي س??هي?? صدر کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته يو??يورسٽي ڪيمپس ۾ نا??عل??م ماڻهن پاران ڪجهه بلوچ شاگردن کان تحقيق جي آڙ ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي ۽ مختلف تنظيمن ۾ شموليت جي انهن جي ارادن جي باري ۾ سوال ڪيا پيا وڃن، صدر شاگردن جي ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ ايڇ اي سي ۽ قائداعظم يو??يورسٽي جي وائيس چا??سلر کي بلوچ شاگردن جي شڪايتن جي جلد کان جلد حل کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري حڪم جاري ڪيا، شاگردن صدر جو بلوچ شاگردن کي ڪافي وقت ڏيڻ ۽ تحمل سان انهن جا خدشا ٻڌڻ تي ٿورو ادا ڪيو