اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل طورخم، تفتان، چمن ۽ سوست سميت سرحدي عل??ئقن کي 15 ڏينهن لاءِ بند ڪرڻ ۽ عوامي ميڙن کي محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي،جڏهن ته عا??مي اڏامون صرف اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور ايئرپورٽس تي اچي سگهنديون ۽ ايئرپورٽس تي حفاظتي انتظامن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته نيشنل سيڪيورٽي ڪائون??ل جي اجلاس ۾ ڪرونا وائرس جي ??ورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو، وزيراعظم عوام کي عا??مي چئلينج کي نظر ۾ رکندي حفاظتي قدم اختيار ڪرڻ ۽ عوامي ميڙن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪرڻ جي ??پيل ڪئي آهي.