اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته ڪورونا وائرس هن وقت تائين 147 ملڪن ۾ پکڙجي چڪو آهي، انهن ملڪن ۾ هڪ لک 72 هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن، ان مرض سبب 97 کان 98 سيڪڙو ماڻهو مڪمل صحتياب ٿي ويندا آهن، ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال جي باري ۾ روزاني جي بن??اد تي عوام کي آگاهه ڪيو ويندو، گذ??يل ڏينهن ڪوڊ 19 ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سي??ٽر ۾ ڪورونا وائرس جي حوالي ??ان صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته سي??ٽر بڻائڻ جو مقصد مستند ۽ تازا ترين معلومات ميڊيا تائين باقاعدگيءَ ??ان پهچائڻ آهي، ان حوالي ??ان روزاني جي بن??اد تي معلومات ڏني ويندي. هن ٻُڌايو ته وائرس سبب هن وقت تائين 147 ملڪ متاثر ٿيا آهن، انهن ملڪن ۾ 78 هزار ماڻهو اهڙا آهن جيڪي مڪمل صحتياب ٿي چڪا آهن.