اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ”ڪشمير استحصال ڏهاڙي“ جي حوالي سان سينيٽ جو ??جل??س 5 آگسٽ اربع ڏينهن صبح ساڍا ??هي?? وڳي طلب ڪيو آهي. سينيٽ جي خصوصي ??جل??س دوران ڪشمير مسئلي جي حوالي سان پارليامينٽ ۽ عوام پاران مظلوم ڪشميرين جي حق ۾ هر سطح تي آواز اٿارڻ جي عزم کي ورجايو ويندو ۽ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق کانسواءِ ڀارت جي قبضي هي?? ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج پاران ڪيل ظلمن جي خلاف پڻ آواز اٿاريو ويندو. ان موقعي تي عالمي برادري تي زور ڏنو ويندو ته اها ڀارت جي قبضي هي?? ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران ڪيل ظلم بند ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو اثررسوخ استعمال ڪري. سينيٽ جو اهو خاص ??جل??س ڪشمير جي حوالي سان هڪ نقاطي ايجنڊا تي هوندو جنهن دوران سينيٽ ۾ موجود سياسي پارٽين جا پارلياماني اڳواڻ بحث ۾ حصو وٺندا. اهو ??جل??س ان حوالي سان به تاريخي اهميت رکي ٿو ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??جل??س کي خطاب ڪندو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جا جهندا پڻ ايوان ۾ رکيا ويندا. ??جل??س جي ڪارروائي ڏسڻ جي لاءِ مختلف ملڪن جي سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنرن کي خاص طور تي دعوت ڏني وئي آهي.